امريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

امريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (AIS): هن اداري جو افتتاح 6 آگسٽ 2000ع ۾ شڪاگو شھر ۾ اڳوڻي ڀارتي وزير قانون رام جيٺملاڻيءَ هٿان ڪرايو ويو. ان تقريب ۾ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ سنڌين جو وڏو انگ شريڪ هو. هن اداري جي قيام جو مقصد اتان جي رهندڙن لاءِ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، جي مشن ۾ سنڌيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ اُتان جي سنڌي رهاڪن جي وچ ۾ ويجهڙائي وڌائڻ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو